ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان ) ڪراچي سميت سنڌ جي 16 ضلعن جا ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي 5 ضلعن ملير، اوڀر، سينٽرل ڪياماڙي ۽ ڏکڻ ۾ ننڍي چونڊ ٿي گذري. ڪراچي جي پنجن ئي ضلعن ۾ ننڊي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ميدان ماري ورتو آهي. ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي يونين ڪائونسل 13 جي 17 پولنگ اسٽيشنن تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي مرتضيٰ وهاب 3976 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي ورتي. جڏهن ته جماعت اسلامي جو نور اسلام 1566 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير ضلعي جي يوسي مراد ميمڻ ۾ 27 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو سلمان عبدالله مراد 10 ھزار 215 ووٽ کڻي سرسي حاصل ڪئي جڏهن ته جماعت اسلامي جو محمد ايوب خاصخيلي 14سئو 8 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ڪياماڙي ضلعي جي ماڙيپور يونين ڪائونسل تي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلزپارٽي جي اميدوار سيف الله نور 5هزار 466 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي جڏهن ته جماعت اسلامي جي محمد حسين 7 سئو 88 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. يوسي گڏاپ جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نور عالم جوکيو 15 سئو 96 وٽ کڻي جنرل ڪائونسلر چونڊجي ويو، سکر ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون پ پ کٽي وئي، ڊاڪٽر ارشد مغل چيئرمين ۽ طارق مغل وائس چيئرمين جي عهدن تي 942 ووٽ کڻي ڪامياب، خيرپور جي وارڊ نمبر 9 تي پ پ اميدوار نعمان وساڻ 921 ووٽ کڻي ڪامياب، گمبٽ جي وارڊ نمبر هڪ تي پ پ اميدوار صدام جوکيو 521 ووٽ کڻي ڪامياب، شڪارپور جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار لطف الله سومرو 635 سوڀارو، دوڙ جي وارڊ نمبر 8 تي پ پ اميدوار وسيم افضل راجپوت 778ڪائونسلر چونڊجي ويو، ٽنڊو آدم جي وارڊ نمبر 15 تي پ پ اميدوار اشرف الدين انصاري 828 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، ٽنڊوالهيار جي وارڊ نمبر هڪ تي پ پ اميدوار ظفر سينهڙو 2281 ووٽ کڻي ڪامياب، ڀان سعيد آباد جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار ولي محمد سولنگي 306 ووٽ کڻي ميمبر چونڊجي ويو، ڪنري جي يوسي 24 تي پ پ اميدوار ياسر عرفان بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو، يوسي ٻاريجي جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار يار بلا بنا مقابلي ڪائونسلر چونڊجي ويو،