ممبئي ( م ڊ ) ڀارتي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي چيو آهي ته غزا جي صورتحال خوفناڪ ۽ شرمناڪ لفظن کان وڌي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ پريانڪا گانڌي لکيو ته غزا ۾ 10 هزار شهرين جو قتل عام ڪيو ويو آهي، جن ۾ 5 هزار ٻار به شامل آهن. هن لکيو ته غزا ۾ پناهگيرن جون ڪيمپون، اسپتالون ۽ ايمبولينسون بمن جو شڪار ٿي ويون. پريانڪا گانڌي لکيو ته نام نهاد آزاد دنيا جا اڳواڻ فلسطين ۾ نسل ڪشي جي مالي مدد ۽ حمايت ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ لکيو ته عالمي برادري کي فوري طور تي جنگبندي جهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿي ته عالمي برادري وٽ ڪو به اخلاقي جواز نه هوندو.