اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اي آر واءِ ۾ ڪاشف عباسي کانپوءِ هڪ ٻيو اينڪر چوڌري غلام حسين به فارغ ٿي ويو آهي،هن کي فارغ ڪرڻ جو سبب نوازشريف، شهبازشريف ۽ مريم نواز جي مخالفت آهي، کيس تنبيهه به ڪئي وئي،اينڪر ۽ صحافي جاويد چوڌري چيو آهي ته اي آر واءِ نيوز محسوس ڪيو آهي ته هاڻي اسان اينٽي اسٽيبلشمينٽ نٿا رهي سگهون نه ئي مستقبل جي ن ليگ جي حڪومت سان ويڙهه جي سٽ سهي سگهونٿا، اينڪر ڪاشف عباسي جي پروگرام تي پابندي لڳي چڪي آهي، هو موڪلن تي آهي،ن ليگ ۾ ڪجهه اڳواڻ ڪاشف عباسي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازشريف آڏو ڪيس وڙهي رهيا آهن، صدر عارف علوي خلاف ڪيس هلائڻ جي تياري ٿي رهي آهي؟ ايندڙ حڪومت هن خلاف غداري جو ڪيس هلائي سگهي ٿي؟ سوال اهو آهي ته نواز ليگ جي حڪومت بڻجي ٿي ته اها غداري جي ڪيسن جي خلاف آهي، تجزئي نگار جاويد چوڌري چيو آهي ته صدر عارف علوي مستقبل ۾ ڪا غلطي ڪري ٿو ته پوءِ سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلي سگهي ٿو، هن ڪا نئين ٽوئيٽ ڪئي يا چونڊن ۾ عمران خان کي سپورٽ ڪئي ته پوءِ هن خلاف ڪيس هلي ٿو، ڪيس جو بم هن جي ڪرسي هيٺيان رکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي گرفتاري پٺيان ڪهڙا محرڪ آهن، تازو هن وفد جي صورت ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري عمران خان جي وڪالت ڪئي، رياست محسوس ڪيو ته هن واعده خلافي ڪئي، ان ڪري کيس ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، طاقتورن جي ڪوشش آهي ته اسد قيصر پرويز خٽڪ جي پارٽي ۾ شامل هئي، ذريعن موجب پرويز خٽڪ هن سان رابطي ۾ آهي، ايندڙ هفتن ۾ هن وٽ آپشن آهي ته پرويز خٽڪ جي پارٽي جوائن ڪري يا پريس ڪانفرنس ڪري سياست کان توبهه ڪري، ٻئي ڳالهيون نه ٿيون ته پوءِ هن خلاف بي تحاشا ڪيس ٺهندا،