پ پ 8 ضلعن جي پارٽي آهي : صفدر عباسي

نوابشاهه ( ڊ ر ) جي ڊي اي پاران عام چونڊون جي تيارين بابت اهم اجلاس سيد زاھد حسين شاھه جي رھائش گاھه تي ڪوٺايو ويو. اجلاس  ۾ صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، سيد زين شاھه، راضي جتوئي سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته  پندرهن سالن کان سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي، پنج اتحادي پارٽيون گڏيل طور تي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺنديون، ھن چيو ته سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، معيشت قرض ۾ آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته ورلڊ بئنڪ جو پئسو ڪٿي خرچ ٿيو آھي، ھن چيو ته وڏيرن جي چونڊن ۾ مينڊيٽ وٺڻ وارا ايندڙ چونڊن ۾ ڪٿي به نظر نه پيا اچن، پيپلز پارٽي ملڪ جي صرف 8 ضلعن جي پارٽي آهي، ھن چيو ته پيپلزپارٽي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، ھن چيو ته  16 مهينا حڪومت ۾ رهڻ کانپوءِ اتحادي وزيراعظم جي ڪارڪردگي تي تنقيد زرداري جي ذهني منافقت جي نشاني آهي، ھن چيو ته  سي سي آءِ جي تازي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي شهرن ۾ گهٽ ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ آبادي تي لکت ۾ اتفاق ڪيو آهي،  سيد زين شاھه چيو ته زرداري ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، زرداري پنهنجي 15 سالن جي دور ۾ اربين رپيا کائي چڪو آهي، اها پيپلز پارٽي ئي آهي جنهن سنڌ جي ساحلي پٽي سميت سنڌ کي وڪرو ڪري اقليت ۾ تبديل ڪيو، ھن چيو ته اليڪشن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ جميعت علماءِ اسلام سان ڳالھيون طئي ٿيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.