اسد قيصر جي گرفتاري ۾ پرويز خٽڪ جو ڪردار آهي: پي ٽي آءِ ترجمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان شعيب شاهين اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي گرفتاري جو الزام ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ تي لڳايو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شعيب شاهين چيو ته پرويز خٽڪ جي ڪردار بابت مون کي اسد قيصر پاڻ ٻڌايو هو. شعيب شاهين چيو ته اسد قيصر پرويز خٽڪ جي مخالف کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو هو، ان ڪري سندس ڄاڻ موجب اسد قيصر جي گرفتاري ۾ پرويز خٽڪ جو ڪردار آهي. ان کان اڳ شعيب شاهين چيو هو ته نگران حڪومت گرفتارين سان ثابت ڪرڻ چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ کي ڪيرائڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.