غزا مان فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ جو اسرائيلي منصوبو وائکو

والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسرائيلي حڪومت پاران غزا مان فلسطينين کي بيدخل ڪرڻ جو منصوبو منظر عام تي اچي ويو آهي، هڪ اسرائيلي  ويب سائيٽ اسرائيلي دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو آهي.غزه مان فلسطينين کي ڪڍڻ جي سفارش اسرائيلي انٽيليجنس وزارت تيار ڪئي آهي، دستاويز ۾ 2.2 ملين فلسطينين کي غزه مان جبري طور مصر جي صحرائي علائقي سينا ​​منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.اسرائيلي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته تجويزن ۾ غزه جي آبادي جي مڪمل منتقلي شامل آهي، ان لاءِ عالمي برادري جي حمايت حاصل ڪئي وڃي، اسرائيلي انٽيليجنس وزارت پاليسي ريسرچ تحت حڪومتي ادارن کي تجويزون ڏئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.