کٽمنڊو (م ڊ ) نيپال جي ڏورانهن علائقي ۾ آيل زلزلي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 157 ٿي ويو آهي. نيوز ايجنسي اي ايف پي جي رپورٽ موجب نيپال جي ڏور اولهه ۾ 5.6 جي شدت جو زلزلو آيو، آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي گهرائي 18 ڪلوميٽر 11 ميل هئي. زلزلي جا جهٽڪا ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي تائين محسوس ڪيا ويا، سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل وڊيوز ۽ تصويرن ۾ مقامي ماڻهن کي اوندهه ۾ گهرن ۽ عمارتن جي ملبي مان بچيل ماڻهن کي ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪرنالي صوبي جي جاجرڪوٽ ضلعي ۾ انتظاميا جي هڪ اهلڪار هريش چندر شرما نيوز ايجنسي رائٽرز کي ٻڌايو ته زخمين جو انگ سوين ۾ آهي ۽ مرڻ وارن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته زلزلي جي شدت ايتري نه هئي، پر ڄاڻايل علائقي ۾ ناقص تعميرات سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته شهري سمهي رهيا هئا ته زلزلو آيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن جي آباد هڪ لک 90 هزار آهي جڏهن ته روقوم اولهه ۾ 85 ۽ جاجرڪوٽ ۾ 55 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.