خيرپور ويجهو ٻن ڀائرن جا عضوا ڦري ويا، پوليو جو شڪ ظاهر

خيرپور ( مختيار ڦلپوٽو ) خيرپور ويجهو ڳوٺ ساماڻو مجيداڻو واسي ٻن معصوم ڀائرن محمد حسين ۽ اويس محمد مجيداڻو  جي جسم جا عضوا ڦري ويا آهن. جنهن سبب ٻئي ڀائر گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهن، ان حوالي سان متاثر ٻارڙن جي والد محمد اشرف مجيداڻو ۽ سندس گهرواري ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻنهي ڀائرن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي، جنهن کانپوءِ سندن جسم سڪڙجڻ شروع ٿي ويو ۽ عضوا ڦري ويا آهن، هنن چيو ته ڀرپاسي جي ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ باوجود ٻارڙن جي طبيعت ۾ سڌارو ناهي اچي سگهيو، هنن وڌيڪ چيو ته شڪ آهي ته ٻنهي ٻارڙن کي پوليو جي بيماري ٿي وئي آهي، هنن صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميان کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.