ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) تعليم کاتي پاران ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ افغان شاگردن جا انگ جاري ڪيا ويا آهن. تعليم کاتي موجب ڪراچي جي مختلف اسڪولن ۾ 121 غير قانوني افغان شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. رپورٽ موجب ڏکڻ ضلعي ۾ 55 افغان ڪورنگي ۾ 24، سينٽرل ۾ 15، اولهه ۾ 14، ملير ۾ 7، ڪياماڙي ۾ 4 ۽ اوڀر ضلعي ۾ 2 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب سرڪاري اسڪولن ۾ افغانين ۾ وڏو انگ شاگردياڻين جو آهي. ڪراچي جي121 اسڪولن مان 71 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. تعليم کاتي سمورن ضلعن جي تعليمي عملدارن کي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. جڏھن ته ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ايجوڪيشن لبنا صلاح الدين پرائمري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ افغان شاگردن جا انگ اکر معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي کان بار بار رابطو ڪرڻ باجود ڏيٽا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪول ايجوڪيشن موجب تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد جي والدين جي شهريت ۽ پيدائش جا سرٽيفڪيٽ افغانستان جا آهن.