149 پرڏيهين جو ٻيو قافلو جيڪب آباد هولڊنگ سينٽر پهتو

جيڪب آباد (سٽي رپورٽر) سنڌ اندر غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي،سخت نگراني  هيٺ 149 ماڻهن تي مشتمل پرڏيهين جو ٻيو قافلو اڄ صبح 6 بجي ڪراچي کان جيڪب آباد پهچي ويو آهي، جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل هولڊنگ پوائنٽ تي 149 پرڏيهين کي کاڌ خوراڪ سميت ميڊيڪل جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن،هولڊنگ پوائنٽ تي نادرا عملي پاران پرڏيهين جي ويريفڪيشن پڻ ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد بلوچستان کان ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ قافلو سخت سيڪيورٽي هيٺ پنھنجي وطن ڏانهن روانو ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد دادلو زھراڻي هولڊنگ پوائنٽ تي پهچي ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهين سان ملاقات ڪري سندن کان سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، قافلي ۾ آيل پرڏيهين جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پاران سندن جو بهترين آڌر ڀاءُ ڪيو ويو آهي، ۽ کين کاڌ خوراڪ سميت ميڊيڪل جو سهولتون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.