ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ غير قانوني پناهگيرن کي رعايت

پشاور(م ڊ) پاڪستان مان پرڏيهي ملڪ ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ غير قانوني پناهگيرن کي رعايت ڏني وئي آهي، خيبر پختونخواه حڪومت  جي بيان موجب غير قانوني پناهگيرن جي گرفتاري کان آجو قرار ڏنو  ويو آهي، اهي ماڻهو جن ٻين ملڪن جي سفارتخانن  کي ويزا لاءِ درخواستون ڏنيون آهن انهن کي گرفتار نه ڪيو وڃي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهي ڪجهه سببن جي ڪري پنهنجي وطن وڃڻ نه ٿا چاهن  ۽ انهن غير قانوني پناهگيرن ٻين ملڪن جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ سفارتخانن ۾ درخواستون ڏنيون آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.