ڪراچي: فيسٽيول ۾ وفاقي وزير مدد علي سنڌي ۽ ٻين گڏجي ٻن ڪتابن ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب سنڌي ٻولي، ادب ۽ تحقيق، ۽ هيمون ڪالاڻي جي ڪتاب سئو سرن پائي جو مهورت ڪيو ويو، دانشورجامي چانڊيوسنڌي ٻولي، ادب ۽ تحقيق ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته فهميده حسين جي لکڻين ۾ نوجوانن لاءِ اتساهه آهي، هن چيو ته سنڌي ٻولي کي اهڙو ڪو به خطرو نه آهي، جيئن عوام آڏو پيش ڪيو پيو وڃي.سئو سرن پائي ڪتاب تي ڳالهائيندي دانشور اديب تاج جويو چيو ته سنڌي ٻولي هن ڌرتي جي پيداوار آهي، اها ڪنهن به ٻي ٻولي يا گهڻين ٻولين مان نڪتل نه آهي، هيمون جو ڪتاب به تحقيق دانن لاءِ اتساهيندڙ آهي. آخر ۾ ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ سڀني جا ٿورا مڃيا. ڀٽائي جي شاعري بابت هڪ سيشن ۾ امر فياض ٻرڙي ڳالهائيندي چيو ته ڀٽائي پيڊيا ۽ شاهه جو ڪوش جي نالي سان ويب سائٽون آنديون آهن، جتي ڀٽائي بابت گهڻين ٻولين ۾ مواد ملي وڃي ٿو،