پشاور ( م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم ۽ جلسن جي اجازت بابت داخل درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن جون تياريون هلي رهيون آهن پر کين مهم هلائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، سندن پارٽي جي ميڊيا ڪوريج تي به پابندي آهي جڏهن ته هنن ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميا کي ڪنوينشن ڪرائڻ لاءِ درخواست به ڏني آهي انهن کي رد ڪيو ويو. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته ايڊووڪيٽ جنرل درخواست جي داخل ٿيڻ تي اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ تي اهڙي ڪا به پابندي ناهي، خيبرپختونخواهه سول ايڊمنسٽريشن ايڪٽ 2020 جي سيڪشن 14 موجب جلسن ۽ ڪنوينشن لاءِ پهريان انتظاميا کان اجازت وٺڻ لازمي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي قانون تحت جلسا ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ پنهنجو قانوني حق استعمال ڪري سگهي ٿي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، نگران حڪومت شفاف چونڊن لاءِ قدم کڻي.