ڪراچي: سنڌ ۾ عورت جي حيثيت بابت سيشن ۾ خطاب ڪندي انيس هارون چيو ته عورتن جو هر ڏينهن سنڌ جي حالت تبديل ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿو، ان ڪري هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ۾ عورتون سنڌ کي ترقي ۾ دنيا آڏو آڻينديون، سنڌ جو عوام هاڻي جاڳي چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي ناانصافيون برداشت ڪرڻ بدران روڊن تي نڪري آواز اٿاري ٿو، هن چيو ته عورتن کي تعليم جي ميدان ۾ برابري تائين آندو وڃي، ان لاءِ ملڪي قانونن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورت اڳواڻ مهناز الرحمان چيو ته سنڌ ۾ عورتن کي انسان نه ٿو سمجهيو وڃي، ان کي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو، شاعره عطيه دائود چيو ته عورتن کي پاڻ مڃائڻو پوندو، عورتن لاءِ ڌار يونيورسٽيون ۽ گاڏيون هجڻ ۾ ڪو حرج نه آهي، عائشه ڌاريجو چيو ته ملڪ ۾ عورتن تي ظلم ٿئي ٿو ان ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ ظلم آهي، سنڌ عورتن لاءِ ڪوس گهر بڻيل آهي، هن چيو ته جاگيردارڻو نظام ختم ڪري عورتن کي حق ڏنا وڃن.