تعليم ڏانهن سماج کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو:سيڪريٽري تعليم

ڪراچي: ”سنڌ ۾ تعليم جا چئلنجز ۽ تازا مسئلا “ واري سيشن ۾ مقررن حڪومتن کي تعليمي سڌارن لاءِ تجويزون ڏيندي چيو آهي ته  حڪومتي قدم تعليم جي ميدان ۾ عوام جي گهرج لاءِ انتهائي ٿورا آهن، جڏهن ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري واضح ڪيو آهي ته تعليم ڏانهن سماج کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو ان وقت تائين تعليمي سڌارا ممڪن نه آهن، سيشن کي خطاب ڪندي تعليم کاتي جي سيڪريٽري شيرين مصطفيٰ ناريجو چيو ته 42 هزار اسڪولن مان 32 هزار اسڪول هڪ ڪمري وارا آهن، ٻوڏ ۾ 8 کان 9 هزار اسڪول متاثر ٿيا، اسڪول جي انفراسٽڪچر جا وڏا مسئلا آهن، پر ان سان گڏوگڏ جيستائين معاشرو مثبت رويو اختيار نه ڪندو سڌارا نه ايندا، معاشري تعليم کي مسئلو سمجهيو ئي نه آهي، رڳو الزام هڻڻ ته تعليم تباهه لڳي پئي آهي ائين به نه آهي.سيشن کي خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي حالت خراب آهي، ٻيو سبب ته غربت گهڻي آهي، هن تجويز ڏني ته نصاب جوڙڻ لاءِ ڌار ڪميشن جوڙي وڃي.تعليمدان يسريٰ آخوند چيو ته عورتن لاءِ گهر کان اڻبرابري جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، سنڌ ۾ عورتن جي تعليم گهٽ آهي، ٻهراڙي جون عورتون وڌيڪ ڀوڳين ٿيون، رٽائرڊ ڪاموري محبوب شيخ چيو ته يونيورسٽين ۾ استاد قابل نه آهن، سهولتن جي به اڻاٺ آهي، ريسرچ ڪوالٽي نه ٿي لڀي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.