خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خانڳڙھ جو پروگرام تبديل ٿي ويو، آصف علي زرداري 6 بدران 7 نومبر تي خانڳڙھ ايندو، سردار علي گوھر خان مھر جي مانجهاندي جي دعوت تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 7 نومبر تي خانڳڙھ گوهر پئلس پهچندو، پروگرام ۾ شرڪت لاءِ سياسي اڳواڻن سميت پ پ جي اڳواڻن سميت 3 هزار ماڻهن کي دعوت نامه جاري ڪيا ويا، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خانڳڙهه واري پروگرام ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، آصف علي زرداري 6 نه پر 7 نومبر تي خانڳڙھ گوهر پئلس تي سردار علي گوهر خان مهر جي مانجهاندي جي دعوت ۾ شرڪت ڪندو، ٻئي طرف سردار علي گوهر خان مهر پڻ اوچتو ڪراچي روانو ٿي ويو، هوڏانهن آصف علي زرداري جي خانڳڙهه آمد کان اڳ گوهر پئلس تي تياريون زور شور سان جاري آهن، مهر ڀائرن پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي اتحادين سميت 3 هزار کان وڌيڪ ماڻھن کي دعوت نامه ڏنا ويا آهن، گوهر پئلس ۾ تياريون جاري آهن ذريعن موجب پ پ جا ٻيا اڳواڻ به خانڳڙه پهچندا ۽ ڪجهه سياسي شخصيتن پاران پ پ ۾ شموليت جي اعلان جو امڪان آهي.