9 مئي ڪيس ۾ گرفتار خديجا شاهه جو ٻئي ڪيس ۾ به عدالتي رمانڊ

لاهور (م  ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) لاهور ۾ 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ هڪ ٻئي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سرگرم ڪارڪن خديجه شاهه کي جيل مان حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي خديجه شاهه کي وڌيڪ رمانڊ لاءِ لاهور جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي جڊيشل مئجسٽريٽ عمران عابد ٻڌڻي ڪئي. جڊيشل مئجسٽريٽ عمران عابد ايف آءِ اي لاهور جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي خديجه شاهه کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ايف آءِ اي جو قانوني صلاحڪار راڻا اعجاز خليل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن پنهنجي دليلن ۾ چيو ته خديجه شاهه 9 مئي تي اشتعال انگيز ٽوئيٽ ڪئي جنهن کي اڃا تائين ري ٽوئٽ ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.