وڏي وزير پاران فلسطيني شاگردن لاءِ ٽيوشن ۽ هاسٽل فيس معاف ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر فلسطيني شاگردن لاءِ وڏي مراعات جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر لاڳاپيل  اختيارين کي هدايت ڪئي ته صوبي جي سرڪاري انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن جي ٽيوشن فيس ۽ هاسٽل جي فيس معاف ڪئي وڃي. سنڌ جي نگران وڏي وزير صوبي جي يونيورسٽين کي هدايت ڪئي ته هو فلسطيني شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو بندوبست ڪن. 48 فلسطيني شاگرد سنڌ جي مختلف گورنمينٽ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.