غزا تي اسرائيلي بربريت جاري، وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد، ٻارڻ ۽ غذائي کوٽ برقرار

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي رهائشي علائقن تي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري آهي.جبليه پناهگيرن جي ڪيمپ تي مسلسل ٽئين ڏينهن به بمباري ڪئي وئي، اسرائيلي فوج البريج پناهگيرن جي ڪيمپ تي به بمباري ڪئي. اسرائيل ساحلي ڪيمپ ۾ گڏيل قومن جي  امدادي اداري پاران هلندڙ اسڪول کي به نشانو بڻايو، جڏهن ته اسرائيلي جهازن غزا ۾ القدس اسپتال جي ويجهو به بمباري ڪئي. اسرائيل جي گاديءَ واري هنڌ غزا جي جباليا ڪيمپ تي  ٽئين حملي کانپوءِ گذريل ٽن ڏينهن ۾ ٿيل حملن ۾ شهيدن جو انگ 200 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 700 کان وڌيڪ زخمي ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 9227 ٿي ويو آهي. جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ 24 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن. ترجمان موجب غزا جي واحد ڪينسر اسپتال جي بندش سبب ڪينسر جا هڪ درجن مريض فوت ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته سمورين ڌرين ۽ عالمي برادري کي گذارش ڪريون ٿا ته طبي سامان ۽ ٻارڻ جي فراهمي لاءِ محفوظ راهداري فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته ٻين ملڪن جي رضاڪار طبي ٽيمن کي غزا اچڻ جي اجازت ڏني وڃي. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج سڄي غزا شهر جو گهيرو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ زميني فوج طرفان وڏي ڪارروائي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن حماس ۽ حزب الله پاران به جوابي حملن جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي شهر ڪريات شمونا تي ڏکڻ لبنان مان راڪيٽن سان حملو ڪيو ويو، حزب الله جي حملي ۾ ڪيترين ئي گاڏين ۽ گهرن کي باهه لڳي وئي. لبنان مان فائر ڪيل ميزائل ذريعي هڪ ٻيو اسرائيلي ڊرون به تباهه ٿي ويو، حزب الله به 2 هٿياربند ڊرونز سان اسرائيلي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.