افغانين خلاف ڪارروائي تي اعتراض، پناهگيرن خلاف قدمن تي سوال اٿي رهيا آهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت پ پ جي اچڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هر پارٽي  کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، پي ٽي آءِ سان اتحاد جو فيصلو نه ڪيو آهي، ميثاق جمهوريت لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پ پ چيئرمين جي ڊي سي تحت مفت تشخيصي ليبارٽري جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي  وڌيڪ چيو ته اها وڏي ڪاميابي آهي ته ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو آهي. چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. بهتر هجي ها ته اليڪشن ڪميشن پاڻ ئي عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪري ها ۽ سپريم ڪورٽ کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي ها. پرڏيهين جي نيڪالي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪا به پارٽي ڪنهن به غيرقانوني عمل جي حمايت نه ٿي ڪري سگهي، جنهن انداز ۾ پناهگيرن خلاف قدم کنيا پيا وڃن، ان تي سوال اٿاريا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه انساني حقن جي حوالي سان سخت موقف رکيو آهي. هن چيو ته قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي پر انساني حقن جو به خيال رکڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ٿيو سو ٿيو، هاڻي چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ گهرجن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي عام چونڊن ۾ برابر جا موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ماضي جي ڪنهن به چونڊن ۾ ليول پلئنگ فيلڊ نه ملي. هن وڌيڪ چيو ته 1988ع ۽ 2007ع جي چونڊن ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ ليول پلينگ فيلڊ نه هئي پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي پنهنجو مينڊيٽ بچائي حڪومتون ٺاهيون. غزه جي صورتحال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته مختلف ملڪن جا صدر ۽ وزيراعظم خاموش آهن پر اوڀر کان اولهه تائين عوام خاموش ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.