اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن بابت پي ٽي آءِ جي بيان کي بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ کي ياد رکڻ گهرجي ته 2022 جي ضمني چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي غير جانبداري مثالي هئي. انهن چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پنهنجي عمل ذريعي چونڊن جي شفافيت جو ثبوت پيش ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته هو بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ خوف جي آئين ۽ قانون تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا رهندا. هن چيو ته جيڪڏهن عام چونڊن جي تاريخ مفاهمت سان طئي ڪئي وئي آهي ته پوءِ اهڙو بيان ماحول خراب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جهڙي آئيني اداري کي اهڙي بزدلاڻي حڪمت عملي سان دٻاءُ ۾ نٿو آڻي سگهجي. پارٽي لاءِ بهتر آهي ته هو الزام هڻڻ بدران عام چونڊن جي تيارين تي ڌيان ڏئي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون تحت ايندڙ چونڊون شفاف ۽ منصفاڻيون ڪرائڻ کي يقيني بڻائيندي.