ڪراچي/ حيدرآباد (رپورٽر) : ڪراچيءَ ۾ سرداري نظام نامنظور جا نعرا، ناظم جوکيو، فاطمه ڦرڙو، اجمل ساوند، ارشاد رانجهاڻي ۽ جان محمد مهر جي ناحق خون سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو، ڪراچيءَ جي هڙني ضلعن ۾ وڏيرن ۽ سردارن جي پرچي وارا ايس ايس پي لڳل آهن، فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ طاقتور ڌرين معاملو لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻهراڙيء کان وٺي سنڌ جي هر اداري ۾ ڀوتاري نظام قائم آهي، ڀوتاري ۽ سرداري نظام لاءِ جاءِ گٽر ۾ آهي، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران اديبن، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران سرداري نظام خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي فاطمه ڦرڙو جي وڪيل اقبال شر خطاب ڪندي چيو ته جيئن ئي فاطمه ڦرڙو ڪيس شروع ٿيو ته اتان جي طاقتور ڌرين جي خواهش هئي ته اهو ڪيس لڪايو وڃي، فاطمه ڪيس ۾ شروع ۾ رياست جو خاص ڪردار ادا نه پئي ڪري پر سنڌ جي عوام جي ردعمل بعد ڪيس اڳتي آيو جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جي ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ وارن کي وڏيرا هراسان پيا ڪن، وڏيرن جا ڄٽ ۽ جاهل پٽ ادارن ۾ سفارش تي ڀرتي ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ ميلن جو به وڏو ڪردار آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ ايئن ناهي جيئن هتي ميلا لڳائي جهالت ڏي ڍڪيو پيو وڃي.اعجاز منگي خطاب ڪندي چيو ته هاڻي سڀ چئي رهيا آهن ته سرداري نظام مدي خارج آهي، ڀوتاري نظام جي جاءِ گٽر اندر آهي، وڏيرڪو نظام هن وقت زهر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي هاڻي جمهوريت مان نڪري جاگيرداراڻي نظام ۾ گهڙي چڪي آهي. مشتاق سرڪي چيو ته ڪراچيءَ جي ستن ئي ضلعن ۾ سردارن ۽ ڀوتارن جي پرچي وارا ايس ايس پي لڳل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي سزا گهٽ ۾ گهٽ 10 سال هجڻ گهرجي ها پر جوابدار جي مرضي موجب هن کي سزا ڏني وئي، جڏهن ته جوابدار کي آزاد ٿيڻ تي گل پارايا ويا. اعجاز خواجه خطاب ڪندي چيو ته هر اداري اندر ڀوتار ويٺا آهن جيڪي نوجوانن کي اڳتي اچڻ نه ٿا ڏين، ڀوتارن کي ٻهراڙين کان وٺي شهرن تائين تڙي ڪڍڻو پوندو تڏهن سنڌ ۾ سڌارو ايندو. ان کان علاوه مسعود نوراني، پروفيسر اعجاز قريشي، اي بي لاشاري ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڀوتاري نظام ۽ وڏيرن شاهي نظام جو ملڪ جي فائدي ۾ ناهي، ڀوتارن ۽ وڏيرن سنڌ اندر ڌاڙيلن کي عام ڪيو ويو آهي، سنڌ اندر وڌندڙ بدامني پٺيان ڀوتار ۽ وڏيرا آهن. هنن وڌيڪ چيو فاطمه ڦرڙو، ناظم جوکيو، جان محمد مهر ۽ اجمل ساوند به ڀوتاري نظام جو شڪار ٿيندي شهيد ڪيا ويا آهن، جيستائين سنڌ مان ڀوتاري نظام ختم نه ٿيندو اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل هوندا، اسين مطالبو ڪيو ٿا ته سنڌ ۾ ڀوتاري ۽ جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي، جيئن سنڌي ماڻهو امن سان زندگيءَ گذاري سگهن. حيدرآباد پريس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ احمد نواز انقلابي, پروفيسر مشتاق ميراڻي, سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو, عورت اڳواڻ نذير قريشي, محبن مڱريو, ڪشش خواجا, انو سولنگي ۽ ٻين چيو ته سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام سنڌ جو امن تباهه ڪري ڇڏيو آهي, سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جي ڪري ناظم جوکيو, فاطمه ڦرڙو, ڊاڪٽر اجمل ساوند, صحافي جان محمد مهر ۽ ٻين ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته سنڌ اندر ڀوتارڪو نظام سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ ناسور بڻيل آهي, سنڌ ۾ جيڪا به تباهي ٿي آهي ان جو ذميوار هتان جو سردار, وڏيرو ۽ ڀوتار آهي, سنڌ جو ڀوتار, سردار ۽ وڏيرو علم ۽ ادب جو دشمن بڻيل آهي, ڀوتارن جي سرپرستي سياسي پارٽيون ۽ هن ملڪ جو نظام هلائيندڙ ڌريون ڪن ٿيون, معصوم فاطمه کي گهر اندر پيرن سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو, پر جوابدارن کي ڪجهه به نه ٿيو ۽ بيگناهه ماريل ماڻهن جي وارثن کي اڃا تائين انصاف نه مليو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي سردارن ۽ ڀوتارن سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آهي, سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون نيلام ڪرايون آهن, هي حڪمران بڻجي رڳو سنڌ لٽڻ وارو ڪم ڪندا رهندا آهن, جنهن سبب سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ آئي آهي, اڄ به سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قابض آهن, جن جا سهولتڪار وڏيرا, سردار, ڀوتار ۽ انهن جي سياسي جماعت پيپلزپارٽي آهي. هنن چيو ته ڌارين کي سنڌ مان هاڻ هر صورت ۾ پنهنجي ملڪ وڃڻو پوندو, اهڙي ظلم خلاف سنڌ جي ساڃاهوندن, اديبن, شاعرن, ليکڪن ۽ قلمڪارن کي هڪ آواز ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي, هاڻ سرداري ۽ ڀوتاري نظام وڌيڪ نٿو هلي سگهي, سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي ته سردارن ۽ ڀوتارن مان جان آجي ڪرائڻي پوندي.