اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن موجب ٽيڪس استثنيٰ جي خاتمي بابت عملدرآمد رپورٽ تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف مشن وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي پهرين ملاقات اڄ ٿيندي، جنهن ۾ آمدني جي هدفن، رقم جي واپسي ۽ ٽيڪس استثنٰي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ذريعن موجب ڳالهين ۾ ايف بي آر طرفان آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد رپورٽ پيش ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ٽيڪس استثنيٰ ختم ڪرڻ بابت ايف بي آر جي عملدرآمد رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.