ٺٽي جي سول اسپتال ۾ هڪ ئي وقت 3 معصوم ٻار فوت

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) ٺٽي ضلعي جي وڏي سول اسپتال ٺٽو جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندل ٽي معصوم ٻارڙا گيسٽرو توڙي ڊائريا جي بيماري ۾ مبتلا رھڻ بعد فوت ٿي ويا، جن ۾ مڪلي جي ڪچي آبادي جي رھواسي محمد امين لاسي جو ٻن ورهين جو ماجد لاسي، 103 موري جي رھواسي پورهيت علي حسن کوسو جو 2  سالن پٽ عيسيٰ ۽ چوهڙ جمالي واري علائقي جو رھواسي معصوم ٻارڙو شامل اھي، جيڪي ٽيئي ٻارڙا فوت ٿي ويا، ان موقعي تي فوت ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن چيو ته اسان پنھنجي ٻارڙن کي گيسٽرو ۽ ڊائريا جھڙي بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن کي علاج لاءِ سول اسپتال ٺٽو جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي بروقت ڊاڪٽر پاران سندن ٻارڙن جو بھتر علاج نه ٿيڻ ڪري ھو فوت ٿي ويا، ھنن صحت کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.