پيپلز پارٽيءَ جون پي ٽي آءِ سان اتحاد لاءِ ڪوششون

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي سرگرم ٿي وئي آهي ۽ ڪوشش ڪري رهي آهي  ته  پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽيءَ  جو چونڊ اتحاد ٿي وڃي. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته پنجاب  ۾ پيپلز پارٽيءَ  جي پوزيشن انتهائي ڪمزور آهي ان ڪري ڪوشش ڪري رهي آهي ته پي ٽي آءِ  جا ووٽ حاصل ڪري سگهي ڇو ته پي ٽي آءِ  هاڻي منظم انداز ۾ موجود نه آهي. گهڻن تڪن تي پي ٽي آءِ کي اميدوار به نه ملندا. ان صورتحال جو آصف علي زرداري فائدو کڻڻ چاهي ٿو. سندس ڪوشش اها به آهي ته عمران خان  جيل مان پيپلز پارٽيءَ سان اتحاد جو اعلان ڪري پر لڳي ٿو ته عمران خان اهڙو اعلان نه ڪندو. ڇو ته هو پاڻ کانسواءِ ڪنهن کي به اقتدار ۾ ڏسڻ جو عادي نه آهي. هو سياستدان ته آهي ئي نه هو خود غرض انسان آهي، ان ڪري ڪنهن سان به سياسي اتحاد نٿو ڪري سگهي. ان هوندي به ايندڙ  ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي. ڇو ته اهو به چيو ٿو وڃي آصف علي زرداري ڪنهن به صورت ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن سان هٿ نه ملائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.