ڄامشورو مان هڪ به غيرقانوني پرڏيهي وطن واپس نه ويو!

ڄامشورو (رپورٽ: راجا انور چانڊيو) حڪومت طرفان اعلانيل مدو پورو ٿيڻ باوجود ڄامشورو مان هڪ به افغاني پنهنجي وطن واپس نه ٿيو ۽ نه  ئي وري پوليس سندن خلاف ڪاروائي ڪري سگهي، عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب ڄامشورو شهر توڙي ڀرپاسي ۾ رهندڙ هڪ به افغاني واپس پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ تيار نه ٿيو، اڪثر افغاني ڄامشورو جي مختلف علائقن ۽ پنهنجن ڳوٺن ۾ موجود آهن جن خلاف حڪومتي ادارن توڙي پوليس طرفان ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي وئي، ڄامشورو توڙي ڪوٽڙي ۾ موجود غير ملڪي افغانين سميت بهارين ۽ بنگالين کي مقامي سياسي ڀوتارن جي مدد حاصل آهي جن ضلعي انتظاميه سان ملي ڀڳت ڪري ڌارين کي پاڪستاني شهري قرار ڏئي سندن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي، ڄامشورو جي هڪ پوليس آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي، ايس يو پي ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن دٻاءُ وجهي افغانين خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي زور ڀريو جنهن سبب پوليس توڙي ضلعي انتظاميه ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ واري عمل کان قاصر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.