اسيمبلي ٽوڙڻ صدر جو غداري برابر عمل هو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان خلاف جڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي هئي ان وقت عمران خان جي ايڊوائيس تي اسيمبلي ٽوڙڻ صدر جو قدم آئين سان غداريءَ برابر عمل هو. نامياري صحافي انصار عباسي چيو ته چونڊن جي تاريخ بابت شنوائي دوران چيف جسٽس اهي ريمارڪس ڏئي صدر عارف علوي کي امتحان ۾وجهي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته صدر کي جيڪو ڪم نه ڪرڻ گهرجي ها اهو هن ڪيو ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ آئيني اختيار هو صدر جو پر هن اهو نه ڪيو، هاڻي ڏسڻو آهي ته صدر عارف علوي عدالت  جي آبزرويشن خلاف عدالت وڃي ٿو يا نٿو وڃي. استعيفا ڏئي ٿو يا اڃان به استعيفا نٿو ڏئي. ڇو ته مٿس سنگين الزام لڳو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.