ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ کان ٻن ڏينهن جو چوٿون لطيف آرٽ ۽ لٽريچر فيسٽيول شروع ٿي رهيو آهي، ڇنڇر ۽ آچر ٻن ڏينهن تي ٻڌل فيسٽيول جو افتتاح تعليم کاتي جو وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪندو سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز طرفان ثقافت کاتي، آرٽس ڪائونسل ۽ انڊومنيٽ فنڊ ٽرسٽ جي تعاون سان ٿيندڙ لطيف آرٽ ۽ لٽريچر فيسٽيول ۾ مختلف سيشنز ٿيندا جڏهن ته ڪتابن جو مهورت پڻ ڪيو ويندو. فيسٽيول جي پڃاڻي راڳ رنگ جي محفل سان ڪئي ويندي.