لاڙڪاڻو(رپورٽ:مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي پوليس جي ڪارروائي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گورهه جو انڪشاف ٿيو آهي، عورت ۽ مرد کي گرفتار ڪيو ويو، پنجاب واسڻ هڪ عورت کي آزاد ڪرايو ويو، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي پوليس وليد ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪري انساني اسمگلرن جي گروهه کي ٽريس آئوٽ ڪري لاڙڪاڻي جي رهواسي منير ڪوري ۽ پنجاب جي نصرت پروين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ھڪ عورت پنجاب واسڻ مسمات نسيم بيگم کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران گرفتار عورت ۽ مرد سنڌ ۽ پنجاب جي عورتن کي اغوا ڪرڻ بعد وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جاچ ۾ اھو به ٻڌايو ته آزاد ٿيل عورت کي اغوا ڪري وڪرو ڪيو هو، جوابدارن جي سهولتڪارن جي جاچ هلي رهي آهي جيڪي جلد گرفتار ڪيا ويندا.