دادو ۾ جسقم طرفان غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ريلي

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ۾ غيرقانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ جسقم طرفان ريلي ڪڍي وئي، جسقم جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ضلعي دادو جي صدر منصور جمالي،  سڪندر راهوجو، نظام انڙ، اياز جمالي، نياز چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اُستاد بخاري جي مزار کان شهيد مخدوم بلاول جي مزار تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، منصور جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  هڪ طرف سنڌ جا دشمن متحد ٿي رهيا آهن جن جو مقصد سڌين جي زمين کي سنڌين جي پيرن هيٺان کسڪائڻ آهي، سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي، درياءُ، سمنڊ تي قبضو ڪرڻ آهي، ٻي طرف سنڌ جا عاشق ۽ سڄڻ سنڌ جي روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، جنهن خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪنداسين، دادو پوليس کي منشيات فروش، ڏوهاري نظر نٿا اچن پر نظر اچي ٿو ته جسقم جو اڳواڻ منصور جمالي ۽ سياسي، سماجي ڪارڪن ٿا نظر اچن ٿا، دادو پوليس جي اهڙي نااهلي جي مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي ان ڪري سنڌ بچائڻ لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.