لاڙڪاڻي ۾ به عورتن جي اسمگلنگ، پنجاب واسڻ آزاد، مرد ۽ عورت گرفتار

لاڙڪاڻو(رپورٽ:مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي پوليس جي ڪارروائي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گورهه جو انڪشاف ٿيو آهي، عورت ۽ مرد کي گرفتار ڪيو ويو، پنجاب واسڻ هڪ عورت کي آزاد ڪرايو ويو، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي پوليس وليد ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪري انساني اسمگلرن جي گروهه کي ٽريس آئوٽ ڪري لاڙڪاڻي جي رهواسي منير ڪوري ۽ پنجاب جي نصرت پروين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ھڪ عورت پنجاب واسڻ مسمات نسيم بيگم کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران گرفتار عورت ۽ مرد سنڌ ۽ پنجاب جي عورتن کي اغوا ڪرڻ بعد وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جاچ ۾ اھو به ٻڌايو ته آزاد ٿيل عورت  کي اغوا ڪري وڪرو ڪيو هو، جوابدارن جي سهولتڪارن جي جاچ هلي رهي آهي جيڪي جلد گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.