آءِ ايم ايف جو ڊو مور، پاڪستان هدف ماڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي: مالياتي ادارو

اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جو زور ڏنو آهي. نئين جائزي لاءِ آءِ ايم ايف وفد پهچي ويو، ناڻي وزارت، ريگيوليٽري ادارن ۽ صوبائي حڪومتن سان به ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين آءِ ايم ايف جي وفد کي پرڏيهي فنانسنگ  جي معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪندو ڇو ته آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ جي معاملي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪرنسي مٽاسٽا واري معاملي تي به اختلاف آهن. آءِ ايم ايف درآمدات تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊسمبر 2022 جي سرڪيولر ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته پاڪستان توانائي جي شعبي جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا به آءِ ايم ايف جي گهرجن مطابق آهن ۽ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق آهي. اسٽيٽ بئنڪ تي حڪومت جو قرض 41 ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي جيڪو هدف مطابق آهي جڏهن ته ايف بي آر آڪٽوبر تائين ٽيڪس وصولي جي هدف کان 66 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪري چڪو آهي. ذريعن موجب نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر سان آءِ ايم ايف جي وفد جو تعارفي اجلاس ٿيو، ملاقات ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ ايف بي آر جا عملدار پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.