روينيو رڪارڊ ۾ وڏي پئماني تي هيراڦيري جي نشاهدي ٿي آهي:يونس ڍاگا

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي روينيو، صنعت ۽ واپار بابت نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا چيو آهي ته روينيو رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ دوران وڏي  پئماني تي هيراڦيري جي نشاهدي ٿي آهي. جنهن جي ازالي لاءِ روينيو کاتي جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري  رهيا آهيون، جنهن سان رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪو به ان ۾ ڦيرڦار جي ڪوشش ڪندو ته پڪڙيو ويندو. هن چيو ته روينيو کاتي ۾ زمينن جي رڪارڊ جي رجسٽريشن لاءِ ايندڙن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ايپ هن مهيني ۾ ئي فعال ٿي ويندي، جنهن سان ماڻهن کي آفيسن جا چڪر هڻڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هو پنهنجي درخواست جي اسٽيٽس آن لائن چيڪ ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.