مڪاني کاتي جي ٻن معطل آفيسرن جو بحالي آرڊر وائرل ٿيڻ جو نوٽيس

ڪراچي(رپورٽر)ڪرپشن الزامن ۾ معطل ڪيل ٻن آفيسرن بابت سوشل ميڊيا تي بحالي جا آرڊر وائرل هجڻ جو مڪاني کاتي نوٽس  وٺي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ کي خط لکي ٺٽي ضلعي جي ٽائون ڪميٽي ميرپورساڪرو ۾ ڪرپشن الزام هيٺ 17 گريڊ جي ٻن ملازمن الطاف ڀٽي ۽ ممتاز علي پليجو بابت وضاحت ڪندي کين جاچ مڪمل ڪرڻ ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي ، مڪاني کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن نمبر 1266 موجب الزامن هيٺ آيل ٻنهي آفيسرن جي نالن سان سندن بحالي جا جعلي آرڊر سوشل ميڊيا تي هلي رهيا آهن،سوشل ميڊيا تي هلندڙ آرڊر جعلي آهن ۽ کين بحال ناهي ڪيو ويو، لاڳاپيل آفيسرن فراڊ ۽ سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد ڪرڻ جا الزام  آهن جن بابت جاچ ڪري مٿن ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.