ڪوئيٽا(م ڊ) قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ سردار اياز صادق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جو اعلان سٺو سنوڻ آهي، ميان محمد نواز شريف جلد بلوچستان جو دؤرو ڪندو. سڄي ملڪ مان اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۾ ڪرپشن روڪڻ مسلم ليگ ۽ ان جي دوستن جي گڏيل ايجنڊا آهي، صوبي مان وڏي انگ ۾ سياستدان ميان نواز شريف آڏو پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪوئيٽه ۾ سينيئر سياستدان نوابزاده حاجي لشڪري رئيساڻي سان ان جي رهائشگاهه تي ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سردار اياز صادق لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي دعوت ڏني.