چونڊون 11 فيبروري کان اڳتي نه وڌڻ گهرجن: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چونڊون 11 فيبروري کان اڳتي نه وڌڻ گهرجن.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي روايت سامهون رکندي صدر سان صلاح ڪرڻ جو چيو آهي. هاڻي ان صلاح جي ڪيتري پابندي آهي اهو قانون ٻڌائيندو، مون وٽ ان جو جواب ناهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته چونڊون 11 فيبروري کان اڳتي نه وڌڻ گهرجن، ڊسمبر جي پهرين هفتي تائين تڪ بندين جا سمورا مرحلا مڪمل ٿي ويندا. اعظم نذير تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) چونڊن لاءِ تيار آهي. اسان پارلياماني بورڊ به جوڙيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.