عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، صدر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ اتفاق

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علو ي۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وچ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024 ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو. ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب صدر ۽ چيف اليڪشن  ڪمشنر وچ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. واضح رهي ته ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران   اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته 11 فيبروري 2024 ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. عدالت اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته صدر سان مشورو ڪري سڀاڻي(اڄ) چونڊن جي تاريخ بابت آگاهه ڪيو. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي صدر عارف علوي سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر به موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ صدر سامهون 3 تاريخون رکيون ويون. اليڪشن ڪميشن 28 جنوري، 4 فيبروري ۽ 11 فيبروري جي تاريخن تي راءِ ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته چونڊن جي تاريخ بابت حتمي فيصلي لاءِ آئيني ۽ قانوني پهلوئن جو جائزو ورتو ويو، چونڊ مهم لاءِ وقت جي آئيني گهرج کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. غور ويچار بعد 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن تي چونڊ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله به بينچ جو حصو آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر اليڪشن ڪميشن کي خط لکڻ ۾ ايتري دير ڇو ڪئي؟ چيف جسٽس چيو ته صدر کي سموري طريقيڪار جي خبر آهي، صدر کي آرٽيڪل 248 تحت ڇوٽ حاصل آهي پر ٻڌايو ته هن تاريخ ڪڏهن ڏني؟ صدر جو اندازو درست هو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جو 89 هون ڏينهن 6 نومبر آهي، صدر پاڻ ئي تاريخ نه ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل علي ظفر چيو ته هاڻي هرڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هر ڪو نه، توهان چئو ته رڳو صدر آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.