چونڊن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ٿيندو !

لاهور (عوامي آواز نيوز) عام چونڊن کانپوءِ (ن) ليگ سادي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي ۽ اتحادي حڪومت وجود ۾ ايندي جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي منصوبي تحت وزيراعظم جو اميدوار شهباز شريف هوندو. نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ميان نواز شريف کي به قائل ڪيو ويو آهي ته  شهباز شريف کي وزيراعظم ڪيو وڃي. ان جو ڪارڻ اهو ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمنيٽ اندر نواز شريف بابت خدشا موجود آهن ته جڏهن به اقتدار ۾ ايندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۾ اچي ويندو آهي. ان ڪري شهباز شريف کي سامهون آڻي  پٺيان ويهي پنهنجين پاليسين تي عمل ڪرائي. ان معاملي تي نواز شريف به راضي ٿي آيو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته چونڊن کانپوءِ ان منصوبي تي عمل ٿئي ٿو يا ڪا ٻي صورتحال  پيدا ٿئي ٿي. ڇو ته (ن)  ليگ جي ڪجهه اڳواڻن  جو خيال اهو به آهي ته وزيراعظم نواز شريف ئي ٿيندو پوءِ ڀلي ڪلاڪ لاءِ ڇو نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.