شاهه محمود سان اسپتال ۾ اهم ملاقاتون

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ  سان اسپتال ۾ اهم ڳجهيون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، صحافي امداد سومري موجب ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته شاهه محمود قريشيءَ سان   اهم ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ياد رهي ته شاهه محمود جي طبيعت جيل ۾ خراب ٿي وئي هئي جنهن ڪري کيس پمز اسپتال داخل ڪيو ويو هو. جتي ساڻس اهم ملاقاتن جون خبرون اچي رهيون آهن، جنهن  کانپوءِ  اهو  خدشو به جنم وٺي رهيو آهي ته ڪٿي کيس ڪنهن  منصوبي تحت ته اسپتال نه پهچايو ويو هو. ڇو ته پمز اسپتال جي تاريخ آهي ته سياسي جوڙ توڙ جو مرڪز رهي آهي. هاڻي جڏهن چونڊن  جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آهي. ان موقعي تي شاهه محمود سان اسپتال ۾ ڳجهيون ملاقاتون معنيٰ خيز آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.