پ پ اڳواڻ افغانين جي دفاع ۾ سامهون اچي رهيا آهن: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر پاران افغانين جي بي دخلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ تي پ پ تي  سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد ٿي ريه آهي، سماجي اڳواڻ شيرين اسد زئور لکيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ سنڌ دشمني ڪئي آهي،سنڌ جو عوام ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏئي،سينئر صحافي،اديب دستگير ڀٽي لکيو ته افغاني پناهگيرن کي ملڪ مان ڪڍڻ خاطر سنڌ پوليس ٻيا سڀ ڪم ڌنڌا ڇڏي ڏنا آهن.ھيء ڌنڌو وڏي ڪمائي وارو آهي. ھڪ مھيني جي مھلت جا 10 لک روپياـ مطلب ته جيڪو به قانون لاڳو ٿئي ٿو ان سان پوليس آفيسرن جي چاندي ٿيو وڃي . چاندي نه پر سون.ڪامران نقوي لکيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ افغانين جو وڏو انگ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن، هو نٿا چاهين ته پرڏيهي واپس پنهنجي وطن واپس وڃن، افغانين جو وڏو انگ ڪراچي مان شڪارپور منتقل ڪيو ويو آهي، پ پ جو سراج دراني، قادر مندو خيل ۽ ٻيا اهم اڳواڻ سرگرم آهن.ذريعن موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان نادرا ۾ افغانين جي رجسٽريشن ڪئي پئي وڃي ۽ جعلي دستاويز به ٺاهيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.