حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ افغانين کي نيڪالي واري عمل ۾ سڀ سياسي پارٽيون ملڪ جا ادارا ۽ سڄي حڪومتي مشينري متحرڪ آهي ۽ اتي ڪارروائي نظر اچي ٿي، پر سنڌ ۾ سڀ مذهبي پارٽيون، انهن جون ساٿاري بڻيل آهن ۽ سنڌ حڪومت افغانين جي نيڪالي لاءِ ڪا به حڪمت عملي جوڙي نه سگهي آهي، پاڪستان جو شمارياتي ادارو نادرا جو کاتو چئي ٿو ته ڏيڍ لک افغاني ڪراچي ۾ موجود آهن ۽ وفاقي حڪومت چئي ٿي ته سنڌ ۾ ٻه لک غيرملڪي موجود آهن، هي سنڌ متعلق ناقص ۽ دشمن پاليسي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، اجلاس جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه رياض علي چانڊيو جي صدارت هيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جست چيئرمين سورهيه سنڌي، جسقم آريسر وائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي، جسقپ اڳواڻ محمد علي خشڪ، جسم اڳواڻ پنهل جمالي، انور بڙدي جساف محاذ مرڪزي صدر ثقلين سنڌي ۽ باغي ڪالرو وقار بوزدار شرڪت ڪئي. اجلاس بعد رياض علي چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانين سميت سمورن پرڏيهين جي نيڪالي واري حڪومتي اعلان کانپوءِ سڀ سنڌ دشمن قوتون وائکيون ٿي ويون آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي، جي يو آئي فضل الرحمان گروپ، جماعت اسلامي، پي ٽي ايم ۽ نامهاد ترقي پسند ڌريون بلخصوص اهي پارلياماني ڌريون پڻ پڌريون ٿي ويون آهن، اهي سڀئي سنڌ دشمن ڌريون سنڌ مان 40 لک افغانين سميت بنگالين، برمين ۽ ٻين ڌارين جي نيڪالي خلاف هڪ پيج تي آهن ۽ ڪجهه ڌرين مجرمانه خاموشي اختيار ڪئي آهي ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون انهن غيرملڪين افغانين جون کلي عام مددگار ٿي بيٺيون آهن، هن چيو ته اجلاس ۾ متفقه طور تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته 19 نومبر نڪرندڙ احتجاجي ريلي جي تاريخ شهيد الطاف جسڪاڻي ۽ شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي ورسي جي حوالي سان رواداري طور تي تاريخ تبديل ڪري 26 نومبر تي رکي وئي آهي.