سنڌ ۾ اثرائتي ڪارروائي شروع نه ٿي، غيرقانوني پرڏيهي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي موجود

حيدرآباد(رپورٽر) غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ پوليس توڙي انتظاميا اثرائتي ڪارروائي شروع نه ڪئي، افغانين سميت سمورا غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي معمول واري زندگي گذاري رهيا آهن، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين افغانين سميت ٻين پرڏيهين جي نيڪالي جي لاءِ سنڌ ۾ ڪارروايون نه ٿيڻ کي بدنيتي ۽ سنڌين جو  استحصال ڪرڻ واري سازش قرار ڏئي رهيون آهن. سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سميت ڄامشورو، ميرپورخاص، ٽنڊومحمد خان، بدين، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٺٽو، سجاول، مٺي، عمرڪوٽ، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ افغانين سميت ٻين پرڏيهين خلاف پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، توڙي ضلعن جي انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، پوليس پنهنجي معمول واري ڊيوٽي تي نظر رکي ويٺل نظر اچي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو پوليس، ضلعي انتظاميا توڙي لاڳاپيل ادارن تي تنقيد ڪندي اهو لکي رهيا آهن ته ڄڻ سنڌ ۾ ڪو به غير قانوني افغاني موجود ناهي، ڪٿي به ڪارروائي ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، سنڌ جي مقابلي ۾ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي. حيدرآباد ۾ قائم افغان بستين سميت مختلف هنڌن تي وڏي تعداد ۾ رهندڙ افغاني بنا ڪنهن خوف جي رهن پيا ۽ انهن پنهنجي ملڪ وڃڻ جي لاءِ ڪا تياري به ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري پوليس توڙي لاڳاپيل ادارن پاران پرڏيهين جي نيڪالي جي لاءِ ڪا اثرائتي ڪارروائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي، هوڏانهن ڪوهسار واري علائقي ۾ غيرقانوني پرڏيهين کي حراست ۾ وٺي ترسائڻ لاءِ قائم ڪيل هولڊنگ سينٽر ۾ ڪنهن به قسم جا انتظام ناهن ڪيا ويا، انتظاميا ڪالهه تائين ڪي غيرملڪي گرفتار ڪري اتي نه آندا آهن ۽ نه ئي رات دير تائين ڪو اهڙو ڪو بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻين پرڏيهين خلاف ڪارراين ۽ گرفتارين جا انگ اکر سامهون آندا ويا آهن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان ٽنڊوڄام ٿاڻي تي پهچي غيرقانوني طور تي رهندڙ افغاني کي پڪڙڻ جي لاءِ نشاندهي ڪري ڪارروائي لاءِ پوليس اهلڪارن کي منٿون ڪري رهيو آهي، پر ٽنڊوڄام ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن کيس چيو ته اهو حڪومت جو ڪم آهي اسان جو ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.