وڊيو چار مهينا پراڻي آهي: نادرا جي وضاحت

اسلام آباد (اي پي پي) سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نادرا موبائل رجسٽريشن وين جي هڪ وڊيو جي باري ۾ اصل حقيقتون بيان ڪندي  نادرا ترجمان چيو آهي ته نادرا موبائل رجسٽريشن وين ڏورانهن علائقن جي سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي درخواست تي شهرين کي سهولتن کي نظر ۾ رکندي مختلف علائقن ۾ وڃي رجسٽريشن ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهيندي آهي. ڄاڻايل وڊيو 4 مهينا پُراڻي آهي، جنهن ۾ 20 جولاءِ 23ع تي مقامي ماڻهن جي درخواست تي ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ واقع اتحاد ٽائون جي خيبر چؤڪ ويجهو هڪ عمارت ۾ بيٺل نادر موبائل رجسٽريشن وين کي ڏيکاريو ويو آهي. نادرا ترجمان ٻُڌايو ته حقيقت ۾ اهو ڏينهن جي وقت جو آهي ۽ خراب موسم سبب ان گاڏيءَ کي ويجهو عمارت جي پارڪ ۾ بيهاريو ويو هو. ان موقعي تي 6 ماڻهن جي شناختي ڪارڊن جي تجديد جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي ترجمان چيو ته نادرا هڪ قومي اداري جي حيثيت سان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻين حڪومتي ادارن سان ملي پنهنجا فرض ڀرپور طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي. وڳوڙين حڪومت طرفان هلايل مهم خلاف پروپيگنڊا سرگرمين ۾ مصروف آهن جيڪي قومي مفاد جي مخالف آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.