ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات کاتي ۾ 19 هين گريڊ جي آفيسر امتياز جويو کي ڊائريڪٽر اشتهارات جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊائريڪٽر اشتهارات عزيز احمد هڪڙو جي موڪل تي هجڻ ڪري ڊائريڪٽر انفارميشن امتياز علي جويو کي ڊائريڪٽر اشتهارات جي اضافي چارج ڏني وئي آهي.