ملير ( رپورٽر ) سکڻ ٿاڻي جي حد پورٽ قاسم ڪالوني ويجهو 14 ڏينهن اڳ نالي مان معصوم نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ ڇڙڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. ملت گارڊن جي رهواسي ٻارڙي امان جو قاتل سندس پيءُ نڪتو آهي جڏهن ته پوليس جوابدار عامر احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شروعاتي جاچ دوران جوابدار قتل جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته جڏهن سندس پٽ امان پيدا ٿيو ته دوست پالڻ لاءِ هنج ورتو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.