84 سال اڳ، پهرين نومبر 1939ع ۾، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي، هڪ سچي صوفي منش ماڻهوءَ کي شهيد ڪيو ويو هو. ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان مشهور، هن محبتي ماڻهوءَ جي مُک تي، هي مٺڙا ٻول هميشه ٻُرندا رهندا هئا، ته “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.” الک لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، اُهو ڌڻِي، جنهن جي لکا نه پوي، غير محسوس، اڻ ڏٺو، اڻ لکو، مخفي، غائب، بي نشان يا اُها هستي جيڪا ڏسڻ پسڻ کان پاڪ هجي.
آئون ۽ منهنجو لائق فرزند اياز علي لغاري، هڪ ڀيري موهن جو دڙو کان ٿيندا، ڏوڪري، آريجا، باقراڻي، لاڙڪاڻو، ماهوٽا، نئون ديرو، ڳڙهي خدا بخش ۽ لکي غلام شاھ کان ڦيرو ڪندا، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي اچي بيٺاسين. منهنجي تصور ۾ اوچتو هڪ گمنام گولي آئي، جيڪا ڪنن جي پاپڙين وٽان زُوزٽ ڪندي، گُسِي گذري ويئي. مون منهنجي فرزند اياز عليءَ کان رڙ ڪندي پڇيو: “بابا! اڃان جانو جلباڻي جئرو آهي ڇا؟” اياز علي وراڻيو: “بابا سائين! هن جُوٺي جڳ ۾، اڃان الاءِ ڪيترا جانو جلباڻي جئرا آهن. اڳي فقط هڪڙو جانو جئرو هيو، جنهن جي گولي ڀڳت ڪنور رام جن جي ڇاتي ڇلني ڪري، آرپار هلي وئي هئي. هاڻي ته هر هنڌ جانو جهڙن جا جٿا، جڳ جهانَ کي جهنم بنائڻ جي جُستجُو ۾ جُنبي ويا آهن.” آئون اياز عليءَ جو اهڙو انوکو ۽ عجيب جواب ٻُڌي، لاجواب ٿي ويو هوس.
هاڻي منهنجي ذهن تي ڀڳت ڪنور رام جن جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل ڪلام “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” گُونجڻ لڳو. “الک” هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به مسلڪ وارو ماڻهو اُچاري سگھي ٿو. صرف ڪنهن مخصوص مسلڪ وارو ماڻهو ڇو؟ اهڙو ئي هڪ اجايو اعتراض ۽ عجيب قسم جو سوال، جانو جلباڻيءَ جي دل ۾ پيدا ٿيو، ته اُن امن، پيار، مُحبت، مُروت، اُخوت، اخلاق، مذهبي رواداري ۽ دين جو دڳ ڇڏي، دهشت گرديءَ جو دڳ اپنايو هو. دنيا جي ڪنهن به مذهب توڙي مسلڪ ۾ دهشتگردي جائز ڪونهي. اها الڳ ڳالهھ آهي، جو هر هڪ دهشتگرد، پنهنجي مذموم عزائم ۽ سفاڪيت کي لڪائڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي مذهب ۽ مسلڪ جي آڙ وٺندو رهيو آهي. وري عجيب منطق اها آهي، جو اسان جي معاشري جي، اهڙي قاتل کي به ماڻهن ڪُلهن تي کنيو هوندو. ڪُڏيا، نچيا ۽ ٽِپيا هوندا.
رُڪ ريلوي اسٽيشن تي، ڀڳت ڪنور رام جن جي هاريل رت جِي لڪير کي، مون فقير ڳولڻ جِي تدبير ڪئي. پر سج جھڻي پڻي ٿي رهيو هو. انگريزن جي جوڙايل سفيد رنگ واري بلڊنگ جي چَوڌاري، ابابيل پنهنجا پُسيل پَوِيتر پرڙا ڦڙڪائي رهيا هئا. مڇرن جي ڳولا ۾، ڀِن ڀِن ڀُورڙيون ڀنڀوريون ڀُون ڀُون ڪري ڀنڀولجي رهيون هيون. مون اياز عليءَ کي چيو: “هاڻي هتان هڪدم هلڻ گھرجي، ڇو جو اڃان تائين ڪيتريون ئي بي نام، بدنام ۽ گُمنام گوليون، عظيم انسانن کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳولي رهيون آهن.” پهرين نومبر 1939ع ۾، هتي ڀڳت ڪنور رام جن جي مٺڙي آواز کي، ڪارتوس سان خاموش ڪيو ويو هو. جنهن جي رت جي سِير جِي لڪير، تاريخ جي اتهاس ۾ اڃان تائين سُڪي ناهي.
منهنجو نانا حاجي خاوند بخش لغاري مرحوم چوندو هيو، ته “اسان جيوڻِي ٻائي ۽ ڀڳت ڪنور رام کي ڏٺو ۽ انهن کي روبرو ڳائيندي ٻُڌو. جيوڻِي ٻائي ڪن تي هٿ ڏيئي جڏهن چوندي هئي: “سانگ کان ڪئي سانگين پرديس ڏي تياري.” ته ماڻهن تي سحر طاري ٿي ويندو هو. ڀڳت ڪنور رام ڪنهن امير ماڻهو (جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي) جي اوطاق تي آيو هو، ته هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. تِر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هئي. ڀڳت ڪنور رام ڇيريون ٻَڌي ڪلام ڳايو هو: “آءُ ڪانگا! ڪر ڳالهھ، ما کي تن ماروئڙن جي”، ته ماڻهو پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا.” ڀڳت صاحب لاءِ هي ڳالھه مشهور هوندي هئي، ته “پاڻ سُر آسا ۾ تمام ڀلو ڳائيندو هو، ته ٻُڌندڙ هوش وڃائي ويهندا هئا.” هڪ ڀيري ڀڳت صاحب ڪلام ڳائي بس ڪئي، ته هڪ محبتي ماڻهو محفل کي چيريندو ڀڳت صاحب وٽ اچي پهتو. ڀڳت صاحب کي عرض ڪيائين، ته “سائين! آسا سُر سُڻاءِ.” ڀڳت فرمايو “اي جِڪو ڳاوان پَڙيو، اِيو آسا سُر اهي.” ان تي انهي عقيدت مند چيو “تو ڀلو.. تو ڀلو..” چون ٿا ته ڀڳت صاحب کي جيڪا به گھور يا نذرانو وغيره ملندو هيو، ته اهو اُتي جو اُتي، ضرورت مندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ڀڳت صاحب جي اچڻ جو ٻُڌي، ڪيترائي اڙيال، غريب، مسڪين، مجبور، معذور، قرضي، نياڻين جي لاءِ ڏاج جا سُوالي ۽ انڌا منڊا اچي گڏ ٿيندا هئا. اهڙن مسڪين ماڻهن جي قطار، محفل کان ٻاهران لڳائي ويندي هئي. ڀڳت صاحب راڳ ويراڳ کان واندو ٿي، سموري مايا ملڪيت انهن ۾ ورهائي، پاڻ هٿين خالي هليو ويندو هو.
شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “پتڻ ٿو پُور ڪري” ۾، هڪ خوبصورت نثري نظم لکي ٿو. اهو نثري نظم هن کان اڳ ۾ به، مان ڪنهن ٻئي مضمون ۾ رقم ڪري آيو آهيان. البت موقعي جي مناسبت سان، هتي هڪ دفعو ٻيهر پيش ڪري، ڀڳت ڪنور رام جن ڏانهن منسوب ڪريان ٿو:
“اڄ تنهنجي ڪُڙتي ۾،
ڪيئي ڪَتيون جَڙيل آهن،
۽ تنهنجي ڪُلھي تي
هِي ڪِينرو
چنڊ جئن چمڪي رهيو آهي،
ڪٿي ڌوئي آئين ڌرتيءَ جِي ڌُوڙ او چارڻ!
هو ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ميرو مَنُ!
هو ديس ديس جِي نِيتِيءَ جو ڪارو ڄارو،
جنهن ۾ ڪُوڙ جا ڪوريئڙا، پنهنجو ڄارُ ڦهلائي ويٺا آهن.
ڪيترو نه پري آهي انهن کان تنهنجو پاند!
ڪنهن ڄاتو آهي
سماج جي ڪِنِي ڪَسِيءَ کان دور
سنگيت، کيرڌارا ۾ وِهجندي آهي.”
شيخ اياز اڃان اڳتي هلي، پنهنجي ڪتاب “چنڊ چنبيليءَ ول” ۾ لکي ٿو:
“دنيا ڪيڏي ننڍڙي آهي،
ڄڻ ڪا وِھُ جي ڳنڍڙي آهي.
ڪن کي رنگ ورهايو آهي،
ڪن کي نسل ڀري نفرت سان،
آپس ۾ اٽڪايو آهي.
قومن جا قومن جي اندر،
وحشِي ڏند کُتا آهن،
مذهب، قوم پرستي، ٻولِي،
ماڻهن لئي گُتا آهن.”
۽ “اياز” ايئن به چَوندو ويو آهي، ته “مان روزانو نوان پيرا کڻي رهيو آهيان، جي سمونڊر ڏانهن وڃن ٿا ۽ موٽن نٿا. صدين کان اهي پيرا سمونڊر ڏانهن وڃي رهيا آهن. سمونڊر جو اٿاھ آهي، اَگھور آهي، اَننت آهي. ڪي پيرا واريءَ تان ويا آهن، ته ڪي پهاڙين تان پهتا آهن. ڪن جا رڳو پٻ ڏسي، ايئن محسوس ٿيو آهي، ته اُهي تيزيءَ سان ڀڄندا ويا آهن. ڪائي اَجھل ڇڪ انهن کي واريءَ تان وِير ڏانهن ڇڪي وئي آهي.” اڄ آئون به هتي، هن رُڪ اسٽيشن تي، ڀڳت ڪنور رام جن جا پيرا پسڻ آيو آهيان. جي هتان کان تمام تيزيءَ سان روانا ٿي ويا آهن، ته وري واپس نه وريا آهن.
ان کان اڳ جو ، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سج لهي وڃي، اسان ان کي الوداع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دُور دُور تائين ڀڳت ڪنور رام جن جو ڳايل ڪلام، منهنجي من تي گُونجندو رهيو، ته “دنيا سڀ درياھ، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾، هِڪڙِي لهر لوڀَ جِي، ٻئو آتشِي اوڙاھ، طالبن توڙاھُ، موڙي چاڙهي مڪڙي.” ڏاڍي آھِ چَنڊِي، دُنيا دورنگي، بِنا ڌَنُ پنهنجي، ڪونهي ڪو مائٽُ ڪنهن جو، “نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو.”