هونئن ته سهولت نه هجڻ واري ڪنهن جاءِ تي هجڻ جي ڪري پيشاب روڪڻ مجبوري بڻجي ويندو آهي پر ڪيترائي ماڻهو ڪم ڪار يا پنهنجي سستي جي ڪري به پيشاب روڪيندا آهن، جن جو خيال هوندو آهي هي ڪم ڪري وٺان ته پوءِ پيشاب ڪيان ٿو، هو ڪم ڪري وٺان ته پوءِ پيشاب ڪيان ٿو، ڪيترائي ماڻهو ته وري موبائل جي استعمال، ٽي وي يا ڪا فلم ڏسڻ دوران به دل ۽ دماغ ۾ پيا سوچيندا آهن پر پيشاب لاءِ اٿڻ ۾ دير ڪندا آهن، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اها عادت توهان لاءِ ڪيتري خطرناڪ آهي؟