ڪيترين ئي ماڻهن کي هڪ پاسي سمهڻ جي عادت هوندي آهي جيڪو انهن لاءِ فائديمند يا نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪهڙي پاسي سمهڻ صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي؟
پاڻ سڳورن صه جن جو فرمان آهي ته رات جو سڄي پاسي تي سمهڻ گهرجي، ان سان دل تي به دٻاءُ ناهي پوندو جڏهن ته سمهڻ وقت ماڻهوءَ جو منهن به خاني ڪعبي ڏانهن ٿئي ٿو. سائنسي حوالي سان به سڌي پاسي تي سمهڻ جا ڪيترائي فائدا آهن جن مان ڪجهه بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.