ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا ڊاڪٽر پريا هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ ئي موجود هئي جڏهن کيس دل جو دورو پيو ۽ هوءَ اٺ مهينن جي ڳورهاري هئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته سندس ٻار کي بچايو ويو اهي جيڪو هن وقت آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهي.
سندس موت جي خبر اداڪار ڪشور ستيا انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام ۾ ڏني. اداڪار لکيو ته ٽي وي سيڪٽر ۾ هڪ ٻي بري خبر ڊاڪٽر پريا دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اداڪارا پريا حمل جي پيچيدگين جو شڪار هئي حمل جي حالت ۾ دل کي ملندڙ رت جي رواني ۽ دل جي صحت سان سلهاڙيل هارمون جي کوٽ هئي.
ساٿي اداڪارن ۽ فنڪارن نوجوان اداڪارا جي اوچتي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس گھر ڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي.