رميز راجا، بابر اعظم کي ” مسئلي “ جو حل ٻڌائي ڇڏيو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع دوران ڪپتان بابر اعظم کي بيٽنگ موجود خامي جو حل ٻڌائي ڇڏيو.
رميز راجا جي خيال م بابر اعظم کي اسپنرن خلاف ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، پر سندس لاءِ سوئيپ شاٽ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
پرڏيهي ميڊيا سان گفتگو ڪندي رميز راجا بابر اعظم جي هڪ ئي خامي آهي جو هو اسپنرن خلاف بيٽنگ ۾ غلطيون ڪري رهيو آهي، هو اسپرن خلاف ائين بيٽنگ ناهي ڪري سگهندو جيئن فاسٽ بالرن خلاف کيڏندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن بابر اعظم اسپنرن تي اٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته تڏهن به آئوٽ ٿي ويندو ۽ سوئيپ شاٽ ذريعي هو ان خامي تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.